اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ پاڪستان ٽيليويزن جو ??ڀ کان وڏو ورچوئل اسٽوڊيو ٽيڪنالاجي جو گيپ ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، پاڪستان ٽيليويزن وٽ سمورا اثاثا موجود آهن رڳو انهن کي بهترين طريقي سا?? استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي. هو بجلي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان سا?? گڏ پاڪستان ٽيليويزن جي ورچوئل اسٽوڊيو جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪري رهي هئي. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، پي ٽ?? وي جو ايم ڊي سهيل علي خان ۽ پيمرا چيئرمين سليم بيگ پڻ موجود هئا. تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اڄ پي ٽ?? وي جي عملي ۽ انتظاميا جي ڪوششن سا?? پي ٽ?? وي ۾ آءِ ٽي رکندڙ سلوشنز استعمال ٿي رهيا آهن جيڪا جديد ??ور جي گهرج آهي. هن چيو ته ورچوئل اسٽوڊيو جو قيام پاڪستان ٽيليويزن جو هڪ ٻيو سنگ ميل آهي، ان کي پاڪستان جي ??ڀ کان وڏي ورچوئل اسٽوڊيو هجڻ جو اعزاز حاصل آهي. پي ٽ?? وي نيوز صحيح خبرن سا?? گڏ هاڻي جديد ??نداز ۾ ڪم ڪندو. ورچوئل اسٽوڊيوز بابت شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ٽيليويزن جو اسٽيٽ آف دي آرٽ ورچوئل سيٽ قومي علائقائي ۽ عالمي خبرن سا?? گڏوگڏ موسم ۽ راندين جي خبرن ۽ حالات حاضره ج?? پروگرامن کي پڻ جديد ??نداز ۾ عوام آڏو پيش ڪندو. پاڪستان ٽيليويزن پنهنجي 58 سا??ا سفر دوران ترقي جون ڪيتريون ئي منزلون طئي ڪيون آهن. پاڪستان ٽيليويزن نيوز پنهنجي ??ڀ کان وڏي ورچوئل اسٽوڊيو سا?? هاڻي عوام کي جديد ??نداز ۾ خبرون، تجزيا ۽ پاڪستان جي حقيقي موقف کان باخبر رکندو. ورچوئل اسٽوڊيو جي قيام سا?? قومي، علائقائي خبرون، سياست، ثقافت، تعليم، حالات حاضره ۽ عالمي معاملن جي حوالي سا?? پي ٽ?? وي نيوز جا ناظرين جديد ??نداز ۾ آگاهه ٿي سگهندا. اسٽوڊيوز جي ذريعي موسم جي خبرن سا?? گڏوگڏ راندين جي ميدان ۾ پڻ ناظرين کي آگاهه رکيو ويندو. بهترين آڊيوز، هائي ڊيفينيشن، خوبصورت گرافڪس پي ٽ?? وي نيوز جي اسڪريم جو حصو هوندا.