اسلام آباد – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف پڪي عزم ۽ ثابت قدمي سان اڳتي وڌندا رهنداسين، پاڪستان جي سلامتي کي چئلينج ڪندڙن ک?? ڪٿي لڪڻ جي جڳهه نه ملندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ضلعي ڪرم جي علائقي ۾ دهشتگردن جي خلاف ڀرپور ڪا??روائي تي پاڪ آرمي کي خراج تحسين ۽ شهيدن ک?? خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم شه??دن صوبيدار شجاع م??مد، نائيڪ محمد رمضان، سپاهي عبدالرحمان ک?? شجاعت ۽ بهادري ??ي سلام پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي خلاف پڪي عزم ۽ ثابت قدمي سان اڳتي وڌندا رهنداسين. پاڪستان جي سلامتي کي چئلينج ڪندڙن ک?? ڪٿي لڪڻ جي جڳهه نه ملندي. هن چيو ته قوم جون دعائون پنهنجي بهادر فوج سان گڏ آهن. وزيراعظم شه??دن جي گهرڀاتين سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شه??دن جا درجا بلند فرمائي ۽ پونيئرن ک?? صبر جميل ڏي.