اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ يونا?? جي وچ ۾ واپار کي حقيقي صلاحيت تائين وڌائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ۽ يونا?? جي چيمبرز آف ڪامرس جي وچ ۾ ويجهي رابطي جي فروغ سان ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن يونان ۾ پاڪستا?? جي نامزد سفير محمد عامر آفتاب قريشي سان ملاقات دوران ڪيو. صدر چيو ته نامزد سفير پاڪستان ۽ يونا?? جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪري، پاڪ يونان واپار کي حقيقي صلاحيت تائين وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته روايتي شعبن کانسواءِ تعاو?? جي نئين شعب?? جي نشاندهي ڪرڻ گهرجي، پاڪستان ۽ يونا?? جي چيمبرز آف ڪامرس جي وچ ۾ ويجهي رابطي جي فروغ سان ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته نامزد سفير يونا?? جي بهت??ين سياحتي طريقن کي مثال بڻائي، نامزد سفير يونان ۽ پاڪستا?? جي سياحتي صنعت?? جي وچ ۾ رابطو پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. صدر چيو ته يونان ۾ پاڪستان جو سفير پاڪستاني ڪميونٽي سان مستقل رابطو رکي، ڪونسلر خدمت?? جي سلسلي ۾ انهن جا مسئلا حل ڪري، نامزد سفير پاڪستان ۾ نادرا ۽ پاسپورٽ آفيس سان ويجهو رابطو پيدا ڪري. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ترقي يافته ملڪ گهٽ ترقي يافته ملڪن سان غيررسمي اميگريشن روڪڻ جي لاءِ اربين ڊالر خرچ ڪري رهيا آهن، هجرت ۽ لڏپلاڻ تي پاڪستان ۽ يورپي يوني?? جي ڊائيلاگ سان يورپي يوني?? جي ملڪن ۾ قانوني هجرت جون نيون راهون کلنديون. صدر چيو ته پاڪستا?? جي مهمان نوازي کي فروغ ڏئي يونان ۾ پاڪستان بابت تاثر بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته بيگناهه ڪشمي??ين کي ڀارتي قابض فوج جي هٿان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ درپيش آهي، ڀارت ۾ اقليتن کي هندو اڪثريتي آبادي پاران مسلسل ظلم ۽ ڏاڍ درپيش آهي، ڀارتي اقليت?? جي جان ۽ مال کي خطرو آهي ۽ عزت ۽ آبرو کي پائمال ڪيو پيو وڃي. صدر نامزد سفير کي يونان ۾ سفير جي طور تي مقرري تي مبارڪباد ڏني.