اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي فلسطيني عوام جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل ۽ واضح حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته فلسطين??ن جي آزادي جي جدوجهد ان وقت تائ??ن جاري رهندي جيستائين انهن کي خودمختياري واري حق جي استعمال جو موقعو نه ٿو ڏنو وڃي ۽ پاڪستان انهن سان گڏ جدوجهد ۾ بيٺل رهندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار فلسطيني عوام سان يڪجهتي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته پاڪست??ن تاريخي طور تي فلسطين??ن جي جائز جدوجهد جي حمايت ڪندو آيو آهي ۽ ڪندو رهندو. پاڪستان عالمي سطح تي تسليم ٿيل شرطن ۽ امن معاهدي تي ڳاله??ن جي لاءِ فلسطيني رضامندي جي حمايت ڪري ٿو. صدر چيو ته اڄ عالمي برادري سان فلسطيني عوام سان گڏ يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهائي رهيا آهيون. ساڍن ستن ڏهاڪن ۾ اسرائيل فلسطينين سان منظم ۽ وڌندڙ زيادتيون جاري رکيون، بيگناهن جو رت وهايو ويو ۽ فلسطين??ن جو رت وهڻ جو سلسلو اڃا تائين ناهي رڪيو. صدر چيو ته مسلسل اسرائيلي تشدد جو تازو واقعو هن سال آگسٽ ۾ ڏٺو ويو، جڏهن غزه ۾ اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ 17 ٻارن سميت اٽڪل 50 فلسطيني مارجي ويا ۽ 300 کان وڌيڪ زخمي ٿيا. ڊاڪٽر عا??ف علوي چيو ته فلسطين??ن جي خلاف نه رڪجڻ وارو اسرائيلي تشدد، اسرائيل جو فلسطين تي ناجائز قبضو ??ن تڪرار جي ناقابل ترديد حقيقتون آهن. اسرائيل پاران والاريل فلسطيني علائقن کي ضم ڪرڻ ۽ ان??ان?? قبضي ۽ عالمي قانونن جي منافي آهي. صدر چيو ته آئون فلسطين??ن جي لاءِ پاڪستان??ن جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪريان ٿو، طاقت جي زور تي علائقي تي قبضو ٿي سگهي ٿو پر عوام جي دلين ۽ دماغ تي قبضو نه ٿو ڪري سگهجي. فلسطين??ن جي آزادي جي جدوجهد خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ تائ??ن جاري رهندي. هن چيو ته پاڪستان فلسطين??ن جي موقف جي مڪمل حمايت ڪري ٿو ۽ عالمي سطح تي تسليم ٿيل شرطن ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي عالمي نگراني ۾ ڌر??ن جي وچ ۾ هڪ مقرر ٽائيم فري?? ۾ ??ڪرار جو حل چاهي ٿو ۽ اهو ته اهو اوڀر بيت المقدس جي فلسطيني رياست جي گادي واري شهر جي طور تي مڪمل حمايت ڪري ٿو. صدر چيو ته پاڪست??ن تاريخي طور تي فلسطين??ن جي جائز جدوجهد جي حمايت ڪئي آهي ۽ هو اڳتي به ان جي حمايت ڪندو رهندو.