اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي( اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ملڪ جي مختلف علائقن ۾ جلاءُ، گهيراءُ ۽ ٽوڙ ڦوڙ جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته باهه لڳائيندڙ ملڪ جا محسن نه ٿا ٿي سگهن، سرڪاري ملڪيتن تي حملو ڪندڙ ملڪ جا دوست نه ٿا ٿي سگهن، فارن ??نڊيڊ فتن?? جي ذهنيت ملڪ کي ورڇ ڪري ڇڏيو آهي، فارن ??نڊيڊ فتن?? جي انتشار، شدت پسندي ۽ ورڇ تي ٻڌل سياست ملڪ کي ناقابل تلافي نقصان پهچائي رهي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن سوال ڪيو ته اڃا تائين پنجاب حڪومت لانگ مارچ واقع?? جي ايف آءِ ??ر ڇو ن??هي داخل ڪئي؟ هن چيو ته فارن ??نڊيڊ فتنو سرڪاري ا??پت??ل مان رپورٽ نه لکرائي رهيو آه?? جيڪو قانون آهي. هو پنهنجي ميڊيڪو ليگل جي قانوني ضابطن کي پورو نه ڪري رهيو آهي. هن چيو ته فارن ??نڊيڊ فتنو چونڊون نه گهرو ويڙهه چاهي ٿو جنهن جو مظاهرو هر ڏينهن چاهي ٿو. هن چيو ته فارن ??نڊيڊ فتنو پاڪستان جو ن??لو فيٽف مان نڪرڻ جي خلاف جنگ ڪري رهيو آهي، فارن ??نڊيڊ فتن?? جي جنگ پاڪستان ۾ غيرملڪي سيڙپڪار?? جي خلاف آهي. هن چيو ته الحمدالله ملڪ ۾ امن امان آهي، عوام انتشار ۽ فساد جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي.