اسلام آباد – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سرڪاري ناڻي ما?? ڏني ويندڙ سبسڊي جو مقصد معاشري جي ڪمزور طبقن جي مدد ۽ سماجي ۽ معاشي ترقي جو فروغ آهي، غيرمستحق ماڻهن جو سبسڊيز جي نظام ما?? فائدو کڻڻ نه رڳو سرڪاري وسيلن جو زيان آهي پر حقدارن جي حق تلفي جو سبب بڻجي ٿو تنهن ??ري اننظام ۾ سڌارا حڪومت جي اولي?? ترجيح آهي. هو حڪومت پاران مختلف شعبن ۾ ڏني ويندڙ سبسڊي جي نظام کي شفاف ۽ منظم بڻائڻ ۽ ان مدد کي حقدار تائين پهچائڻ کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.