اسلام آباد – 21 جون (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خ??ص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪورونا وبا جو ڦهلاءُ روڪڻ جي لاءِ ايس او پيز تي عملدرآمد ضروري آهي، اسلام آب??د ۾ 189 آڪسيجن بيڊز فراهم ڪيا پيا وڃن، هاٽ اسپاٽ وارن علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊ??ئون سان وبا جو ڦهلاءُ روڪڻ ۾ مدد ملند??. ا??ڙن خيالن جو اظهار هن پمز ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته جولاءِ جي آخر تائين 2100 کان وڌيڪ آڪسيجن بيڊز جو اضافو ڪنداسين، 20 وڏن شهرن ۾ هاٽ اسپاٽ جي نشاندهي ڪئي وئي. اسد عمر چيو ته پولي ڪلينڪ، پمز ۽ سي ڊي اي اسپتال کي آڪسيجن بيڊز ڏنا ويندا، هاٽ اسپاٽس ۾ سمارٽ لاڪ ڊ??ئون سان وبا جو ڦهلاءُ روڪي سگهجي ٿو. هن چيو ته هاٽ اسپاٽس جا تفصيل صوبن کا ڏنا ويا آهن. ٽيڪنالاجي جي مدد سان نشاندهي ڪري سگهنداسين ته ڪهڙن علائقن ۾ وبا وڌيڪ آهي. وفاقي وزير اسد عمر چيو ته ملڪ جي 20 وڏن شهرن ۾ 92 هاٽ اسپاٽ علائقن ۾ لاڪ ڊ??ئون ڪ??و آهي.