اسلام آباد – 29 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اسان سڀني کي قو??ي جذبي سان سرشار ٿي عوام جي زندگين ۾ سهولت پيدا ڪرڻ جو مثبت ۽ روشن ڪردار ادا ڪرڻو آهي، هي قو?? جي خدمت جو موقعو آهي، ذخيره اندوزي کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ??يو ويندو، اڄ تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي اجلاس ۾ سڄي پاڪستان ۾ خاص طور تي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ضرورت جي شين ۽ خوراڪ جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي قدمن جو جائزو ورتو ويندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪرونا کان بچڻ جي لاءِ عوام ۾ شعور ۽ آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ پارٽي جي متحرڪ ڪ??دار جي اهميت تي زور ڏنو ويندو ته جيئ?? ماڻهو احتياطي تدبيرن تي سختي سان ع??ل ڪن.