اسلام آباد – 02 مارچ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا وزيراعظم محمد نو??ز شريف جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ فاٽا سڌارن بابت ڪميٽي جي سفارشن جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم محمد نو??ز شريف جي صدارت ۾ وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو جنهن کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد نو??ز شريف چيو ته پاڪستان هر شهري جو آهي ۽ هر شهري کي ??نهن امتياز کانسواءِ ترقي ۽ خوشحالي جا هڪجهڙا موقعا حاصل ٿيڻ گهرجن. هن فاٽا جي عوام جي حب الوطني ۽ قومي جذبي جي ساراهيندي چيو ته ان جي تاريخ پاڪستان سان محبت جي مثالن سان ڀ??يل آهي، وزيراعظم چيو ته فاٽا جي عوام پاڪستان جي خودمختياري، سالميت ۽ دفاع جي لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته وقت ??چي ويو آهي ته فاٽا جي عوام کي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ ان جي محرومين جو خاتمو ڪيو وڃي.