اسلام آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين مردان جي ض??عي عدالت ۾ بم ڌماڪي جي پرزور مذمت ڪندي ان افسوسناڪ سانحي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسو?? جو اظهار ڪيو آهي. صدر ڏکويل خاندانن سان تعزيت ڪندي دعا ڪئي آهي ته الله تعاليٰ مرحومن ??ي جنت ۾ جاءِ ڏي ۽ پونئيرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو ??وصلو عطا فرمائي. صدر لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.