اسلام آباد _ 09 جنوري (اي پي پي) مذهب?? معاملن واري وزارت سرڪاري اسڪيم تحت پنج هزار خالي حج سيٽن تي 10 جنوري کان درخواستون طلب ڪري ورتيون آهن. مذهب?? معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب پنج هزار خالي سيٽن تي وزارت پهريان اچو ۽ پهريان حاصل ڪريو، جي بنياد تي درخواستون گهرايون آهن. خواهشمند ماڻهو ج??ڪي پهرين درخواست ڏيڻ کان رهجي ويا هئا، اهي هاڻي ان اسڪيم مان فائدو کڻي سگهندا. پنج هزار جو انگ مڪمل ٿيڻ تي درخواستن جي وصولي روڪي ويندي. ترجمان موجب سموريون نامزد بينڪون روزانو جي بنياد تي درخواستن کي پورٽل تي فوري اپلوڊ ڪرڻ جون پابند هونديون. نوان درخواست ڏيندڙ پهريان ٻن قسطن جي مد ۾ ڇهه لک روپيا جمع ڪرائيندا. قرباني يا ڌار ڪ??ري جو خرچ واڌو هوندو.