اسلام آباد-31 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته اُڏار پاڪستان پروگرام هڪ انقلابي قدم آهي، ان سان تعليم، صحت، روزگار ۽ ڪاروبار جي م??قعن ۾ واڌ ٿيندي. اهڙو اظهار هن موجوده حڪومت جي پنج ساله قومي اقتصادي م??صوبي (29-2024ع) ” اُڏار پاڪستان“ جي م??قعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. احسن اقبال اُڏار پاڪستان کي جٽادار اقتصادي ترقي کي حاصل ڪرڻ طرف هڪ ”انقلابي“ ق??م قرار ڏيندي چيو ته هي قدم جيڪو سياسي ڇِڪتاڻ يا ڪنهن به سياسي لانگ مارچ کان پاسو ڪندي وڌ کان وڌ قومي اتحاد قائم ڪري ڪامياب ٿي سگهي ٿو. ان کانسواءِ معاشي لانگ مارچ جي ضرورت آهي ته جيئن اسان دنيا سان اثرائتي انداز ۾ مقابلو ڪري سگهون. هن چيو ته حڪومت جي م??جوده معاشي چئلينجن کي اثرائتي طريقي سان مُنهن ڏيڻ لاءِ فوري قدم کنيا هئا، پر ملڪ کي خوشحال ۽ معاشي طور تي مضبوط بنائڻ لاءِ مسلسل بنيادن تي ڊگهي م??دي واري رٿابندي جي ضرورت هئي. وفاقي وزير چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت پنهنجي گذريل دؤرن ۾ ويزن 2010ع ۽ ويزن 2025ع جي شروعات ڪئي هئي پر سياسي عدم استحڪام سبب ان تي مڪمل عملدرآمد نه ٿي سگهيو پر ها?? حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر پنج ساله منصوبو تيار ڪيو آهي جيڪو پائيدار اقتصادي ترقي جو بنياد ثابت ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته قومي اقتصادي م??صوبي جا ث??ر عام ماڻهوءَ تائين پهچايا ويندا ۽ بهتر تعليم، صحت، روزگار ۽ ڪاروبار جي م??قعن ۾ اضافو ٿيندو.