لاهور – 25 – ڊسمبر (اي پي پي( وزيراعظم محمد شهباز شريف ڏکڻ وزيرستان ضلعي جي علائقي سراروغا ۾ 13 خوارجين کي جهنم و??صل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته انسانيت جي دشمن?? جي ڪڌي ارادن کي اهڙي طرح خاڪ ۾ ملائيندا رهنداسين، قوم کي سيڪيورٽي فورسز جي بهادر جوانن تي فخر آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ملڪ مان فتنه ??لخ??ارج ۽ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين اسا?? جي دهشتگرد?? جي خلاف جنگ جاري رهندي.