اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي نمائندگي ڪندي سينيٽ ۾ پارلياماني پارٽي اڳواڻ سينيٽر عرفان صديقي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳوڻي سيڪريٽري اطلاعات ص??يق الفاروق جي گهر ويو ۽ وزيراعظم پاران ص??يق الفاروق جي عيادت ڪئي. سينيٽر عرفان صديقي وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران ص??يق الفاروق کي گلدستو پيش ڪندي چيو ته وزيراعظم کي توهان جي صحت جي ??وا??ي سان ڳڻتي آهي ۽ هن ان سلسلي ۾ توهان جي علاج جي لاءِ هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ توهان کي جلد مڪمل صحت سان نوازي ۽ توهان اڳ وانگر مسلم ليگ (ن) جي لاءِ متحرڪ ڪردار ادا ڪريو. سينيٽر عرفان صديقي ص??يق الفاروق جي گهرواريءَ ۽ ڌيءَ کي چيو ت?? اهي ص??يق الفاروق جي صحت جي ??وا??ي سان آگاهه رکن ۽ ڪنهن به خدمت جي ضرورت هجي ته رابطو ڪن. ص??يق الفاروق وزيراعظم پاران نيڪ خواهشن ۽ صحت جي لاءِ دعائن تي ٿورا مڃيندي چيو ته منهنجي پاران وزيراعظم محمد شهباز شريف کي مبارڪ پيش ڪريو ته هن انتهائي مشڪل حالتن ۾ قوم جي ٻيڙي کي سنڀاليو آهي ۽ اڻٿڪ محنت جي ذريعي پاڪستان جي معيشت کي بهتري جي راهه تي گامزن ڪيو آهي. ??ن سينيٽر عرفان صديقي جي اچڻ تي پڻ ٿورا مڃيا.