اسلام آباد-03 ??سم??ر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو آهي ته گذريل ڏينهن 3 ??سم??ر تائين حج لاءِ وصول ٿيندڙ سموريون درخواستون ڪامياب قرار ڏنيون ويون آهن جڏهن ته ڏورانهن علائ??ن ۾ حج درخواستون جمع ڪرائڻ ۾ ڏُکيائين سبب ڀلي پار ويندڙن جي درخواست تي درخواستن تي وصوليءَ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي. ڪالهه مذهبي معاملن واري وزارت طرفان جاري بيان ۾ وفاقي وزير ڀلي پار ويندڙن کي خوشخبري ڏني آهي ته 3 ??سم??ر تائين حج درخواستون جمع ڪرائيندڙ سمورن اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي، اسپانسرشپ اسڪيم ۾ وصول ٿيل درخواستون به ڪامياب قرار ڏنيون ويون آهن. سرڪاري حج اسڪيم ۾ درخواستون هاڻ 10 ??سم??ر تائين نام??د بئنڪن ۾ جمع ڪرائي سگهبيون، ڪوٽا کان وڌيڪ درخواستون وصول ٿيڻ جي صورت ۾ ڪڻا ڪڍيا ويندا. هن چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني 10 ??سم??ر تائين اسپانسرشپ جي رقم لازمي جمع ڪرائين، اسپانسرشپ اسڪيم ۾ وصول درخواستگذارن کي بنا ڪُڻن جي ڪامياب قرار ڏنو ويندو. وزارت جي ويب سائٽ تي آن لائن پورٽل ذريعي گهر ويٺي حج درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ڀلي پار ويندڙ کي نين هدايتن لاءِ پاڪ حج موبائل ايپ ڊائون لوڊ ڪرڻ جو چيو ويو آهي.