اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) بچاءُ ۽ دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوگلو ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير معزز مهمان جو شاندار استقبال ڪيو ۽ علائقائي ۽ عالمي جاگرافيائي سياسي صورتحال تي گڏيل افهام ۽ تف??يم تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏ??ل عقيدي، ثقافت، قدرن، تهذيب ۽ ت??ري??ي رابطن، گڏيل اعتماد ۽ حمايت تي ٻَڌل مثالي ڀائراڻه ناتا آهن. هن ڪيترن ئي فورمن تي پاڪستان لاءِ ترڪيه جي ڀرپور حمايت کي ساراهيو. وفاقي وزير چيو ته وڌندڙ دفاعي تعاون اسان جي ٻه طرفن ناتن جو هڪ اهم پهلو آهي جنهن جي خاصيت گڏيل من??وب??، گڏيل مشق ۽ فوجي تربيت آهي. ٻنهي ڌرين ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط ناتن ۽ گڏيل فائديمند شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ جو عزم ڪيو.