قاهره – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته انڊونيشيا پاڪستان جو ڀروسي جوڳو واپاري حصيدار آهي، کاڄرو تيل جي ضرورتن جو گهڻو حصو ان کان ئي برآمد ڪريون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن سربراهي اجلاس جي موقعي تي انڊونيشيا جي صدر پرابوو سوبيانتو سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران وزيرا??ظم محمد شهباز شريف پرابوو سوبيانتو کي انڊونيشيا جي صدر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ٻنهي اڳواڻن ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن بشمول سياسي، واپاري ۽ اقتصادي معاملن کانسواءِ گهڻ رخي فورمز تي تعاون پڻ شامل آهي. ٻنهي اڳواڻن اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ٻطرفن لاڳاپن کي برقرار رکڻ جي لاءِ ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو ته انڊونيشيا پاڪستان جو ڀروسي جوڳو واپاري حصيدار آهي. هن خاص طور تي پام آئل فراهم ڪندڙ ملڪ جي طور تي انڊونيشيا جي ڪردار کي ساراهيو ڇو ته پاڪستان کاڄرو تيل جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ گهڻو حصو انڊونيشيا کان درآمد ڪري ٿو. آسيان ۽ ان جي ميمبر ملڪن سان رابطي جي حوالي سان پاڪستان جي گهري دلچسپي جو اظهار ڪندي وزيرا??ظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي آسيان ۾ سيڪٽورل پارٽنر جو درجو حاصل ڪرڻ ۽ آسيان علائقائي فورم جي ميمبرشپ جي لاءِ انڊونيشيا جي حمايت کي ساراهيو. وزيرا??ظم اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان انڊونيشيا جي تعاون ۽ حمايت سان آسيان جو مڪمل ڊائيلاگ پارٽنر بڻجندو. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف صدر پرابوو سوبيانتو کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني جيڪا هن قبول ڪري ورتي. ٻنهي اڳواڻن فلسطين جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ، غزه ۾ جنگبندي ۽ فلسطين مسئلي جي حل لاءِ هڪ جامع طريقيڪار اختيار ڪرڻ تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن هڪ خودمختيار فلسطيني رياست جي قيام، جنهن جون سرحدون 1967ع کان اڳ جي طرز تي هجن ۽ جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، جي قيام جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪيو.