??سل??م آباد-27 نومبر (اي پي پي) ??سل??م آباد پوليس مددگار فورسز فرنٽيئر ڪور، پنجاب رينجرز سميت ٻين ادارن جي مدد سان ڊي چوڪ کان خيبر پلازه، بليو ايريا ??ي ٻنهي پاسن کي مظاهرين کان خالي ڪرائي ورتو آهي، حڪومت جي اثرائتي حڪمت عملي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي وقت سر ڪارروائي جي ڪري وفاقي حڪومت ۽ راولپنڊي ۾ امن امان مڪمل طور تي بح??ل ٿيو ويو آهي. ڪارروائي کانپو??ِ اسلام آباد ۽ راولپنڊي جا سمورا داخلي ۽ خارجي رستا کوليا ويا ??هن. موٽر وي ايم 1- (??سل??م آباد کان پشاور)، ايم – 2 (??سل??م آباد کان لاهور)، ايم -3، ايم-4، ايم -5 ۽ لاهور – سيالڪوٽ موٽر وي سميت سمورا رستا هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بح??ل ڪيا ويا ??هن. اهڙي طرح سموريون وڏيون هاءِ ويز ۽ فيض آباد انٽرچينج تان به ڪنٽينر هٽايا ويا ??هن. مظاهري سبب متاثر ٿيل تعليمي ادارا 28 نومبر کان معمول موجب کلي ويندا. آفيسن ۾ حاضري مڪمل ٿي وئي آهي ۽ انٽرنيٽ سروس به بح??ل ڪئي وئي آهي. گهرو وزارت بيلاروس جي صدر ۽ سندس 65 رڪني وفد جي موجودگي دوران حڪومت ريذ زون جي سيڪيورٽي پاڪ فوج جي حوالي ڪري ڇڏي هئي. مظاهرو ڪندڙن کي ضابطي ۾ رکڻ لا??ِ اسلام آباد پوليس، ايف سي، پنجاب رينجرز ۽ ٻين فورسز جي اضافي نفري مقرر ڪئي وئي هئي، جنهن ڪنهن اڻوڻندڙ واقعي کانسوا??ِ امن امان قائم رکيو. گهرو وزير ڪليئر ڪرايل علائقن جو دورو ڪيو ۽ فورسز جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته الله جو شڪر آهي ته شرپسند عنصرن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائيندي امن قائم رکندڙ ادارن جي محنت سان پاڪستان جي عوام جي ڪاميابي ٿي آهي. هن فوري صفائي ۽ رڪاوٽون هٽائڻ جا به حڪم جاري ڪيا. مظاهرن سبب معطل ڪيل موبائيل ۽ انٽرنيٽ سروسز به آهستي آهستي صحيح ٿي رهي آهي.ٽيلي ڪام ڪمپنين وفاقي گادي واري شهر ۽ راولپنڊي ۾ نيٽو رڪ جي مڪمل بح??لي لاءِ قدم شروع ڪري ڇڏيا ??هن. انٽرنيٽ جي دستيابي سان ڪاروباري سرگرميون، آن لائن تعليمي نظام ۽ عوامي رابطا ٻيهر بح??ل ٿي ويا ??هن، جنهن تي شهرين اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. مظاهرين جي ڇڙوڇڙ ٿيڻ کانپو??ِ اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي شهرين سک جو ساهه کنيو آهي، بند رستا کلڻ سان روزمره جا معمول بح??ل ٿي ويا ??هن?? شهرين حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي حڪمت عملي کي ساراهيندي ان جو ٿورو مڃيو. حڪومت جي ڪامياب حڪمت عملي حڪومت جي دانشمداڻي حڪمي عملي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادرن جي وقت سر ڪارروائي مظاهرن سبب پيدا ٿيل صورتحال کي مڪمل ضابطي ۾ آڻي ورتو. شهرين جو اعتماد بح??ل ٿي رهيو آهي. جاڙن شهرن ۾ زندگي مڪمل طور تي معمول تي اچي چڪي آهي.