اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڊي چؤڪ جو دؤرو ڪي?? ۽ ??هيد ملت چؤڪ تائين سيڪيورٽي انتظامين جو جائزو ورتو. گهرو وزير شرپسندن طرفان ٿيندڙ شيلنگ دوران شهيد ملت چؤڪ پهت?? ۽ ??وانن سان ملاقات ڪئي. گهرو وزير شيلنگ باوجود جوانن سان گڏ بيٺل رهي?? ۽ ??ندن حوصلو وڌاي?? ۽ ??وان مرديءَ سان شرپسندن جو مقابلو ڪرڻ جي تلقين ڪئي. هن رينجرز، ايف سي، اسلام آباد ۽ سنڌ پوليس جي جوانن سان هٿ ملاي?? ۽ ??ندن جذبن کي ساراهيو. ڊيوٽيءَ تي موجود جوانن پاڪستان زندهه باد جا نعرا لڳايا. جوانن سان ڳالهائيندي گهرو وزير چيو ته اوهان سڀ پاڪستان جا سپاهي آهيو، ڏڦيڙ ڪندڙن سان اوهان قانون موجب مُنهن ڏنو آهي. جڏهن ته ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير چيو ته پي ٽي آءِ وارن ٻه ڀيرا سنگجاڻي وٽ اح??جاج ڪرڻ تي تيار ٿيا هئا، ان مقصد لاءِ سيز فائر ٿي?? ۽ ??ن طرف ويندڙ رستا اسان کولي ڇڏيا. هن چيو ته هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي ملڪ جا سربراهه مهمان طور موجود آهن، اها شيلنگ ۽ ڀڃ ڊاهه جا فوٽيج ڪنهن ٻئي جا نه ملڪ جي بدنامي آهي. مظاهرو ڪندڙ نه صرف هٿيار ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلن سان ليس آهن پر وڏا وڏا پنکا به ساڻن اٿن جنهن جي مدد سان پوليس طرفان فائر ڪيل شيل جو دونهون پوليس طرف موڙي رهيا آهن. وفاقي وزير چيو ته هن وقت تائين 4 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد، ايس پي، 4 اي ايس پيز سميت 80 کان وڌيڪ اهلڪار زخمي ٿيا آهن جنهن مان 10 جوانن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آهي. هن چيو ته آءِ جي ا??لام آباد پوليس کي مڪمل اختيار ڏنا آهن، هاڻ هو هر صورت ۾ مظاهرو ڪندڙن کي روڪيندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا 3 کان 4 قافلا کڻي آيا جيڪي گڏائي ا??لام آباد آيا، انهن ۾ 2 هزار تربيت ماڻيندڙ آهن جن جي سُڃاڻپ ڪئي وئي آهي، پنجاب مان هڪ به ماڻهو ناهي آيو، سڀ جا سڀ ڪي پي ڪي جا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مان ڪڏهن به اها دعويٰ نه ڪئي آهي ته مظاهرو ڪندڙ ڊي چؤڪ نه پهچندا، هميشه اهائي ڳالهه ڪئي آهي ته کين روڪينداسين. گهرو وزير چيو ته جيڪڏهن ڊي چؤڪ تي طاقت جو استعمال شروع ڪري ڇڏيون ته سڀ ڀڄي ويندا پر ان ۾ جاني نقصان ٿي سگهي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪ فوج جي ذميداري پاڪستان ۾ موجود پرڏيهي سربراهن ۽ سندن وفد، ريڊ زون ۽ اهم عمارتن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ آهي. ان موقعي تي آءِ جي ا??لام آباد سيد علي ناصر رضوي، چيف ڪمشنر محمدعلي رنڌاوا، ڊپٽي ڪمشنر عرفان نواز ميمڻ به ساڻس گڏ هئا.