تونسه بئراج/ ڪوٽ ادو – 22 – نومبر (اي پي پي) ??لو??ستان جي وڏي ??زير سرفراز بگٽي چيو آهي ته پنجاب ??لو??ستان جي ماڻهن جي لاءِ پنهنجي دل سدائين ڪشادي رکي آهي، ان تي ??نجاب جي ماڻهن ۽ حڪومت جا ٿورائتا آهيون، ڪينال جو 100 ڪلوميٽر رهجي ويو آهي، اهو شهباز شريف اسپيڊ سان جلد مڪمل ٿي سگهي ٿو. تونسه ۾ ڪڇي ڪينال منصوبي جي بحالي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ??لو??ستان جي وڏي ??زير سرفراز بگٽي چيو ته 2002ع ۾ ان منصوبي جي منظوري ٿي جڏهن ته اهو منصوبو مرده گهوڙو بڻجي ويو هو، نواز شريف جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ان جي تڪميل ٿي ۽ خوشحالي جو دور ڏٺو، 2022ع ۾ هتي ??وڏ سبب تباهي آئي ۽ اسان جي علائقن مان ماڻهن لڏپلاڻ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي، هڪ ڀيرو ٻيهر اسان جي گذارش تي ان خواب جي هاڻي تڪميل ٿي آهي، ان تي ??فاق ۽ پنجاب حڪومت جا ٿورائتا آهيون، پنجاب ??لو??ستان جي ماڻهن جي لاءِ پنهنجي دل سدائين ڪشادي رکي آهي ان تي ??نجاب جي ماڻهن ۽ حڪومت جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته هن ڪينال جو 100 ڪلوميٽر رهجي ويو آهي، اهو شهباز شريف اسپيڊ سان جلد مڪمل ٿي سگهي ٿو، ??لو??ستان جي ماڻهن جي اها ئي خواهش آهي. هن چيو ته دهشتگرد معصوم ماڻهن کي شهيد ڪري رهيا آهن، انهن جو ڪو علائقو يا مذهب نه آهي، پاڪستان هڪ گلدستو آهي.