اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي امڪاني اح??جاج جي حوالي سان موبائيل سروس جي بندش بابت فيصلو اڄ ٿيندو. هن اها ڳالهه ڪالهه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چئي، گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو ته حڪومت اح??جاج جي حوالي سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حتمي حڪم تي عمل ??ندي. هن چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي طلبي تي مان، گهرو سيڪريٽري، آءِ جي ۽ چيف ڪمشنر عدالت ۾ پيش ٿيا آهيون، اسان عدالت کي سمور?? صورتحال کان آگاهه ڪيو آهي، هاڻي عدالت جيڪو به فيصلو ڪندي حڪومت ان تي عمل ??ندي.