اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاق جي علامت هجڻ جي حوالي سان سينيٽ کي ق??مي يڪجهتي ۽ صوبائي هم آ??نگي ۾ متحرڪ ڪردارادا ڪ??ڻ ??هر??ي، پاڪستان مسلم ليگ (ن) پارلياماني گروپ کي ان مقصد جي لاءِ ايوان ۾ موجود سمورين ٻين پارٽين سان مضبوط رابطو رکڻ ??هر??ي. وزيراعظم آ??يس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان سينيٽ ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني پارٽي جي اڳواڻ ۽ سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي سربراهه سينيٽر عرفان صديقي وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽر عرفان صديقي سينيٽ ۾ پارلياماني پارٽي جي ڪارڪردگي کان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. هن وزيراعظم کي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي حوالي سان پڻ بريف ڪيو. هن معاشي هدفن جي حوالي سان شاندار ڪارڪردگي تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته سينيٽر عرفان صديقي جي قيادت ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جا سينيٽرز ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪ??ي رهيا آهن، وفاق جي علامت هجڻ جي حوالي سان سينيٽ کي ق??مي يڪجهتي ۽ صوبائي هم آ??نگي ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪ??ڻ ??هر??ي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) پارلياماني گروپ کي ان مقصد جي لاءِ ايوان ۾ موجود سمورين ٻين پارٽين سان مضبوط رابطو رکڻ ??هر??ي، اڄ جي دور ۾ مضبوط پرڏيهي پاليسي جي اهميت ڪيترائي ڀيرا وڌي چڪي آهي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته سينيٽر عرفان صديقي جي سربراهي ۾ سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي هڪ ٿنڪ ٽينڪ جو ڪردار ادا ڪندي حڪومت جي رهنمائي ڪندي.