اسلام آباد -14 آڪٽوبر (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر طاهره اورنگزيب چين پاڪستان ??وستي کي عالمي سهڪار جي هڪ روشن مثال قرار ڏيندي شنگهائي سهڪار تنظيم جي ملڪن پاران پاڪستان ??ي اعتماد ڪرڻ تي دل جي گهرائين سان ٿورو مڃيو، ج??هن سان ??قتصادي ترقي، استحڪام ۽ علائقائي ترقي ??ي هٿي ملندي. سرڪاري ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چين پاڪستان ??وستي جي تعريف ڪندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط لازوال دوستي کي اجاگر ڪيو. جيڪا ڪيترن ئي سالن جي سهڪار ۽ گڏيل افهام تفهيم ذريعي وڌيا آهن. هن چيو ته اهو مثالي تعلق ٻين ملڪن لاءِ هڪ نمونو آهي جيڪو پرامن گڏيل بقا ۽ گڏيل سهڪار سان ??ڳڀرائي جي صلاحيت کي ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته شنگهائي سهڪار تنظيم جي فورمز ۾ پاڪستان ??ي شرڪت رياست جي سربراهن جي ڪائونسل ۽ حڪومت جي سربراهن جي ڪائونسل ميمبر ملڪن سان واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ دهشتگردي جي خاتمي جهڙن شعبن ۾ پنهنجي سهڪار کي وڌايو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن پي ٽي آءِ تي زور ڀريو ته پاڪستان ??ي هاڪاري عالمي سڃاڻپ ??ي هٿي ڏيڻ ۾ ايس سي او سربراهي اجلاس جي اهميت کي تسليم ڪري. هن اهڙن مظاهرن بدران ??تحاد جي ضرورت تي زور ڏنو، اهڙي وقت ۾ جڏهن عالمي سهڪار ضروري آهي.