اسلام آباد-10 آڪٽوبر(اي پي پي) چين جي وزيراعظم جي پاڪستان جي دوري کان اڳ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي. چين جي وزيراعظم جو پاڪستان جو امڪاني دورو تمام گهڻو اهم آهي. دوري دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ نون معاهدن ۽ منصوبن تي صحيحين جو امڪان آهي جيڪي سي پيڪ کي نئين بلندين تائين پهچائڻ لاءِ مددگار ثابت ٿيندا. ميڊيا رپورٽن موجب گذريل ڏينهن وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چين جي وزيراعظم جي امڪاني دوري کي نظر ۾ رکندي مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان منعقد ٿيل اجلاس جي صدارت ڪئي. ان اجلاس ۾ چين پاڪستان ??قت??ادي راهداري (سي پيڪ) تحت جاري منصوبن جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ استحڪام تي زور ڀريو ويو. اجلاس ۾ سي پيڪ جي مختلف منصوبن جي رفتار جو تف??يل?? جائزو وروتو ويو جنهن ۾ توانائي، انفراسٽرڪچر ۽ صنعتي زونز جا ترقياتي ڪم شامل آهن. وفاقي وزير چيو ته چين سان زراعت، ٽيڪنال??جي ۽ صنعت سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي ته جئين ٻئي ملڪ گڏجي خطي ۾ ??قت??ادي ترقي ۽ استحڪام لاءِ ڪم ڪري سگهن. هن چيو ته سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ توانائي ۽ بنيادي ڍانچي جي منصوبن سان گڏوگڏ صنعتي ترقي تي پڻ خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. احسن اقبال چيو ته ان فيز ۾ خاص ??قت??ادي زوز کي هٿي وٺرائڻ هڪ اهم هدف آهي جيڪو پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ وڌيڪ موقعا فراهم ڪندو.