پشاور-04 سيپٽمبر (اي پي پي) خيبرپختونخوا ج?? گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آ??ي ته صوبائي حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي، عوام کي خيبر پختونخوا ڪابينا ۾ تبديلي جي سببن کان آگاهه ڪيو وڃي. پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته اسان جي يونيورسٽين ۾ وائيس چانسلرز ناهن، صوبائي حڪومت کي درخواست آ??ي ته نوجوانن جي مستقبل سان نه کيڏي ۽ يونيورسٽين ۾ وائيس چانسل??ز اچڻ ڏيو، هن چيو ته صوبي ۾ 26 يونيورسٽين ۾ وائيس چانسلرز ناهن. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ڪي پي اسيمبلي جو اجلاس چار ڀيرا معطل ٿي چڪوآهي، وڏو و??ير اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت کان پاسو ڪري رهيو آهي، ان صورتحال مان لڳي رهيو آ??ي ته هو اسيمبلي جو اعتماد وڃائي چڪو آهي، ميمبرن جي اڪثريت جي حمايت حاصل ناهي رهي، ان لاءِ بهتر آ??ي ته وڏو و??ير صوبائي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ وٺي. هڪ سوال جي جواب ۾ گورن?? تصديق ڪئي ته ڪابينا ۾ ردوبدل جي حوالي سان سمري کيس ملي آهي پر سمري تي صحيح ڪرڻ ۾ ڪا ج??دي ناهي ۽ نه ئي هن ان تي قانوني ماهرن سان مشاورت ڪئي آهي.