ڪراچي-02 آگسٽ (اي پي پي) ترڪيه جي بحريه جو جهاز ڪنالياڊا پاڪستان جي خير سگالي واري دوري جي تڪميل کانپوءِ پاڪ ??حريه ۽ ترڪيه جي بحريه جي جهازن عربي سمنڊ جي اتر ۾ گڏيل پيٽرولنگ ۽ سامونڊي م??قو?? ڪيون. پاڪ ??حريه طرفان جاري بيان موجب انهن مشقن ۾ مختلف سامونڊي آپريشنز ??ميت غير روايتي خطرن خلاف دفاع، Visit Board Search & Seizure (VBSS) ۽ ايئر ڊفينس م??قو?? شامل هيون، جن جو مقصد پيشيوراڻي مهارت کي بهتر بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪ جي سامونڊي فوج وچ ۾ گڏيل تعاون کي وڌائڻ آهي ان کان اڳ دوري دوران ترڪ جي بحريه جي چيف آف اسٽاف وائيس ايڊمرل ابراهيم اوزديم جي اڳواڻي ۾ ترڪيه جي بحريه جي وفد پاڪ ??حريه جي فيلڊ ڪمانڊرز ۽ ٻين عهديدارن سان ملاقاتون ڪيون جن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ وڌيڪ تعاون جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ترڪيه جي بحريه جي وفد پاڪستان جي باني کي خراج عقيدت پيش ڪر?? لاءِ قائد اعظم محمد علي جناح جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي. پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ تاريخي طور تي گهرا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ ترڪيه جي بحريه جي جهاز جو پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط ٻطرفن لاڳاپن جو اهڃاڻ آهي، هاڻوڪو دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون کي عام طور ۽ ٻنهي ملڪن جي سامونڊي فوج وچ ۾ سهڪار کي خاص طور تي هٿي ڏيندو.