اسلام آباد – 29 – جولائي (اي پي پي) سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر عرفان الحق صديقي جي صدارت ۾ ٿيو. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب اجلاس ۾ ڪميٽي کي ٻاهرئين ملڪ قيد پاڪستاني قيدين جي انگ، قيد جي مدي ۽ انهن جي آزادي جي لاءِ پرڏيهي وزارت پاران کنيل قدمن جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ?? پرڏيهي معاملن واري وزارت سان لاڳاپيل ڪيترائي ٻيا معاملا بحث هيٺ آيا. اجلاس ۾ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر عرفان الحق صديقي کانسواءِ سينيٽر شيري رحمان، سينيٽر انوارالحق ڪاڪڙ، سينيٽر عطاءُ الرحمان، سينيٽر روبينه قائمخاني، سينيٽر محمد عبدالقادر ۽ وزارت جي ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ?? پرڏيهي معاملن واري وزارت جي سينيئر آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي.