ڪوئٽا -22 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آهي، ته عالمي ??ارڪيٽ کي اسڪلڊ ورڪرز جي ضرورت آهي، صحيح رخ تي هلياسين ته پاڪستان جي 10 کان 15 لک ٻارن کي عالمي ??ارڪيٽ جو حصو بڻائي سگهجي ٿو، قدرتي آفتن ۾ دنيا اسان جي مدد ناهي ڪئي، موجوده حڪومت فيصلو ڪيو آهي، ته قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن تي ٻڌل نيشنل والنٽيئر ڪور ۽ نوجوانن جي مسئلن جي نشاندهي لاءِ قومي ??وٿ ڪائونسل قائم ڪري نوجوانن کي فيصلي سازي ۾ حصيدار بڻايو وڃي. نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ لاءِ انٽرنشپ پروگرام شروع ڪيو پيو وڃي. بلوچستان ۾ اڻوڻندڙ حالتن باوجود نوجوانن تعليم سميت هر شعبي ۾ پنهنجو مقام بڻايو جيڪو ٻين لاءِ رول ماڊل آهي، وفاقي حڪومت صرف موقعا فراهم ڪري سگهي ٿي، جڏهن ته بهتر مستقبل بڻائڻ نوجوانن جي پنهنجي هٿ ۾ آهي، دهشتگردي سميت دشمنن جي سمورين سازشن جو مقابلو ڪرڻ لاءِنوجوا?? اسان جي هر اول جٿي جو ڪردار ادا ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان يونيورسٽي آف انفارميشن ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ اينڊ مينجمينٽ سائنسز ۾ بلوچستان جي نوجوانن لاءِ پهچ جوڳي سماجي ڪاروبار جي عنوان سان پي پي اي ايف، اين آءِ سي بيوٽمز ۽ ٻين ادارن جي سهڪار سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي يونيورسٽي جو پرو وائيس چانسلر ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. راڻا مشهود چيو ته نوجوانن جو حوصلو ڏسي خوشي ٿي، هي اهو پاڪستان آهي جنهن لاءِ اسان جي بزرگن جدوجهد ڪئي هئي، پاڪستان ٺهڻ ۾ بلوچستان جو ووٽ تمام اهم هو ۽ آهي. راڻا مشهود چيو ته وفاقي حڪومت طرفان وزيراعظم يوٿ پروگرام سان بنا وياج جي قرض ڏنا پيا وڃن ۽ پاڪستان ۾ 2 لک ٻار ان پروگرام مان فائدو کڻي چڪا آهن، جن ٻين لاءِ رستو کولي ڇڏيو آهي. هن چيو ته دنيا گلوبل وليج بڻجي چڪي آهي جتي اين آءِ سي جهڙا ادارا نوجوانن کي رستو ڏيکاري رهيا آهن. وزيراعظم شهباز شريف جڏهن پنجاب جو وڏو وزير هو ته ان وقت به هن پهرين ترجيح نوجوانن کي ڏني. هن چيو ته بلوچستان ٻارن ??ي نيشنل انوويشن ايوارڊ ۾ رجسٽرڊ ڪرايو وڃي. هن چيو ته پاڪستان خلاف سازشن ??ي ناڪام بڻائڻ جي ذميواري فيوچر ليڊرز آف پاڪستان جي آهي. هن چيو ته وزيراعظم جي قيادت ۾ قومي ??وٿ ڪائونسل بڻائي رهيا آهيون جنهن ۾ 100 ٻارن ۽ ٻارڙين جي چونڊ ٿيندي، پاڪستان ۾ هن وقت آءِ ٽي انڊسٽري جو ڪاٿو اڍائي ارب رپيا آهي جنهن کي 25 ارب رپين تائين وڌائڻو آهي ته جيئن دنيا ۾ آءِ ٽي جي وڌندڙ گهرج ??ي نظر م رکندي پاڪستاني نوجوانن کي عالمي ??ارڪيٽ جو حصو بڻائي سگهجي. هن جو چوڻ هو پاڪستان ۾ شديد ٻوڏ آئي جڏهن ته موسمياتي تبديلي ۾ اسان جي ملڪ جو حصو تمام گهٽ آهي، اڄ اتحاد ۽ اتفاق جي ضرورت آهي ۽ ان يڪجهتي جي جذبي سان دهشتگردي کي شڪست ڏيڻي آهي. ان موقعي تي قومي ??رثي واري ڊويزن جي صلاحڪار ڪاشف ارشاد، پي پي اي ايف جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر نادر گل بڙيچ پڻ خطاب ڪيو.