اسلام آباد-08 جولاءِ (اي پي پي) ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران خيبر پختونخوا، ڏکڻ اوڀر سنڌ، اتر/ ڏکڻ بلوچستان، ڏکڻ پنجاب، ??شم??ر ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آه??، تيز برسات سبب هيٺين سنڌ ۽ هيٺين بلوچستان جي هيٺيان علائ??ا پاڻي هيٺ اچڻ جو خدشو آه??. مو??ميات کاتي جي رپورٽ مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ مو??م گرم ۽ جهڙالي رهي جڏهن ته ڪراچي سميت ڏکڻ اوڀر سنڌ، مٿاهين خيبر پختونخوا ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪجهه هنڌن تي گجگوڙ سان برسات ٿي. سومر ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد مطابق تربت ۾ گرمي پد 45?? جيڪب آباد ۾ 44، نوڪنڊي، دالبندين ۾ 43، سبي، روهڙي، مٺي ۽ موهن جو ڊڙو ۾ 42 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.