شي – آن – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف پاڪستان مان سرڪاري خرچ تي هڪ هزار شاگردن ۽ شاگردياڻين کي زراعت جي جديد تربيت جي ??اءِ يانگلنگ ايگريڪلچرل ڊيمانسٽريشن بيس م??ڪل?? جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مح??د شهباز شريف شي – آن ۾ يانگلنگ ايگريڪلچرل ٽيڪنالاجي ڊيمانسٽريشن بيس جو دورو ڪيو. وزيراعظم کي ان موقعي تي بيس جي ڪم جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هاءِ ٽيڪ ڊيمانسٽريشن زون 2019ع ۾ صدر شي جن پنگ جي ??دايت تي قائم ٿيو. يانگلنگ جي زرعي يونيورسٽي ۾ 142 پاڪستاني شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. 120 شاگرد هتان فارغ ٿي چڪا آهن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ قائداعظم يونيورسٽي ۽ ايوب ايگريڪلچر ريسرچ سان گڏجي زرعي جنسن تي تحقيق جاري آهي. وزيراعظم مصنوعي روشني جي ذريعي ڀاڄين جي ??وکيءَ جي طريقيڪار جو پڻ جائزو ورتو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته يانگلنگ ايگريڪلچر هاءِ ٽيڪ انڊسٽري اينڊ ڊيمانسٽريشن بيس چين ۾ پهريون هاءِ ٽيڪ صنعتي ترقي جو زون آهي. ان موقعي تي وزيراعظم پاڪستان مان سرڪاري خرچ تي هڪ هزار شاگردن ۽ شاگردياڻين کي زراعت جي جديد تربيت جي ??اءِ يانگلنگ ايگريڪلچرل ڊيمانسٽريشن م??ڪل?? جو فيصلو ڪندي چين ۾ پاڪستاني سفير ۽ لاڳاپيل عملدارن کي چيني عملدارن سان منصوبي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي ??دايت ڪئي. وزيراعظم نارٿ ويسٽ ايگريڪلچر ۽ فاريسٽري يونيورسٽي کي پاڪستان ۾ ڪئمپس کولڻ جي دعوت ڏيندي پاڪستان حڪومت پاران ان ۾ هر قسم جي ??دد فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي. وزيراعظم کي بيس جي ??ختلف حصن ۽ پاڪستاني پويلين جو دورو پڻ ڪرايو ويو. وزيراعظم کي پاڪستاني پويلين ۾ پاڪستاني مصنوعات پڻ ڏيکاريون ويون. يانگلنگ ايگريڪلچرل ڊيمانسٽريشن بيس ۾ 26 ملڪ زرعي تحقيق ۾ تعاون ڪن ٿا. پاڪستان سڀ کان پهريون ملڪ هو جنهن يانگلنگ ايگريڪلچرل ڊيمانسٽريشن بيس ۾ تعاون شروع ڪيو. بريفنگ ۾ پاڪستاني سائنسدانن ۽ تحقيق ۾ شرڪت ڪندڙ پاڪستاني يونيورسٽين بابت پڻ ٻڌايو ويو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي، حڪومت في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافي جي ??اءِ زراعت ۾ جدت جي ??اءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني زرعي مصنوعات ۽ ان جي ??راسيسنگ سان ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم کي جديد پلانٽ پروڊڪشن فيڪٽري جو پڻ دورو ڪرايو ويو جتي زراعت جي طريقيڪار جي ??ختلف مرحلن جو عملي مظاهرو پڻ پيش ڪيو ويو. وفاقي وزير خواجه محمد آصف، احسن اقبال، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، راڻا تنوير حسين پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.