اسلام آباد ??? 08 جون (اي پي پي) توانائي جي وفاقي وزير سردار محمد او??س خان لغاري چيو آهي ته پاڪستان تيزي سان انرجي مڪس ۾ قابل تجديد توانائي جي شرح وڌائي رهيو آهي، چين جي سڀني کا?? وڏي سولر مينوفيڪچرنگ ڪمپني کي پاڪستان ۾ سولر مينوفيڪچرنگ پلانٽ لڳائڻ جي د??وت ڏني آهي جنهن تي ڪمپني ڀرپور سهڪار جو يقين ڏياريو آهي. پاور ڊويزن طرفان جاري پڌرائي مطابق توانائي واري وزير سردار محمد او??س خان لغاري چين ۾ دنيا جي سڀني کا?? وڏي سولر مينوفيڪچرنگ ڪمپني جي صدر سان ملاقات ڪئي آهي. وفاقي وزير سولر مينوفيڪچرنگ ڪمپني لونجي گرين، انرجي ٽيڪنالوجي جي صدر زن گولي سان ملاقات دوران پاڪستان جي سولر توانائي جي صلاحيتن تي بريفنگ ڏني. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان تيزي سان انرجي مڪس ۾ قابل تجديد توانائي جي شرح وڌائي رهيو آهي. سردار اويس لغاري چيني ڪمپني کي پاڪستان ۾ سولر مينوفيڪچرنگ پلانٽ لڳائڻ جي د??وت ڏني جنهن تي ڪمپني جي صدر گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ چيني ڪمپني جي صدر پاڪستان ۾ شمسي توانائي کي هٿي ڏيڻ لاءِ سهڪار جي خاطري ڪرائي.