اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪ – اردن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ اردن جي سفير ??اڪٽر معين خراست سان ڳالهائين??ي ڪيو جنهن ايوان صدر ?? ساڻس ملاقات ڪئي. اردن جي سفير صدر کي 11 جون تي اردن ۾ غزه بابت انساني امداد تي ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. صدر سفير ??ي اردن ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ پاڪستان پاران شرڪت جي خاطري ڪرائي. اردن جي سفير ان موقعي تي چيو ته اردن فلسطين ۾ انساني امداد جي فراهمي جي لاءِ اخوت فائونڊيشن سان مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ??يو?? آهن. صدر فلسطين ۾ امداد پهچائڻ ۾ اردن جي ڪوششن کي ساراهيو. سفير صدر آصف علي زرداري کي اردن شاهه پاران صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد جو پيغام پهچايو.