اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قومي معيشت کي نقصان پهچائيندڙ بدعنوان ۽ ڏوهاري غفلت جي مرتڪب عنصرن جو احتساب ??يو ويندو، تماڪ، ڀاڻ ۽ سيمنٽ فيڪٽرين ۾ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جي معاهدي ۾ فراڊ جي جاچ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جو معاهو سواءِ فراڊ جي ڪجهه به نه آهي، معاشي سڌارن جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهيون، حڪومت جي مثبت قدمن سان روانگي واپار ۽ مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافو ٿيو آهي، بجلي چوري جي روڪٿام ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، نجڪاري جو عمل شفاف ترين هوندو، ملڪ جي مفاد ۾ سخت فيصلا ڪرڻا پوندا ۽ ان تي پهرو پڻ ڏيڻو پوندو. وفاقي ڪاب??نا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته 2019ع ۾ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جو معاهدو ??يو ويو، پهرين مرحلي ۾ سگريٽ جي مينوفيڪچرنگ فيڪٽرين ۾ ٽريڪ اينڊ ٽريس سستم هڻڻ جو معاهدو ??يو ويو هو، پوءِ ڀاڻ ۽ کنڊ جي فيڪٽرين کي به ان ۾ شامل ??يو ويو پر اهو ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم سواءِ فراڊ جي ڪجهه نه هو، سڀ ڪجهه مالڪن جي مرضي تي ڇڏيو ويو، اها بدترين قسم جي ڏوهاري غفلت آهي. وزيراعظم چيو ته اسان مشاورت سان هڪ حڪمت عملي طئي ڪئي آهي ته جيڪي ان جا ذميوار آهن انهن کان 2019ع کان وآٺي اڄ تائين جواب دهي ٿيندي ۽ ذميواري جو تعين ??يو ويندو. اربين کربين رپين جي جيڪا قومي آمدني اچي سگهي پئي، ان کي ضايع ??يو ويو آهي، اهو ملڪ پاڪستان سان سنگين مذاق ??يو ويو، 2019ع ۾ هڪ اهڙي حڪومت هتي هئي جيڪا ٻين تي الزام هڻندي هئي پر بقول پاڻ اهي کير سان ڌوتل هئا. هن چيو ته اسان پنهنجي ذميواري پوري ڪنداسين، ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جي جاچ جي لاءِ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي آهي، 72 ڪلاڪن ۾ ان تي سخت ايڪشن ورتو ويندو، ان کان بدترين فراڊ جو ڪو ٻيو مثال ڪهڙو ٿي سگهي ٿو ته معاهدي ۾ پينلٽي جي شق ئي نه وڌي وئي، اسان اهڙي طرح جو ڪاروباري ۽ سياسي زندگي ۾ معاهدو اڳ ۾ ڪڏهن به نه ڏٺو. وزيراعظم چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان جي معاشي صورتحال بابت هڪ رپورٽ شايع ٿي جنهن موجب ڪيترن ئي شعبن ۾ اسان جا انگ اکر بهتر ٿيا آهن، مارچ ۾ آءِ ٽي جو روانگي واپار بلند ترين سطح تي رهيو آهي، اهڙي طرح تازن مهينن ۾ مٽاسٽا جي ناڻي جي شرح ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته اسان جي حڪومت کي ايندي ڏيڍ پوڻا ٻه مه??نا ٿيا آهن، ان کان اڳ نگران حڪومت ڪم ڪري رهي هئي، اسان گڏجي جيڪي اجتماعي ڪوششون ڪيون آهن ان سان صورتحال آهستي آهستي بهتر ٿي رهي آهي پر اڃا تمام گهڻي محنت جي ضرورت آهي، اسان جي سڌارن ۽ نئين سر تنظيم سازي جي ايجنڊا آهي ۽ ملڪ کي جيڪي مسئلا درپيش آهن انهن جو سرجيڪل آپريشن سان ئي خاتمو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته توانائي جي شعبي جو جائزو ورتو ويو آهي، بجلي چوري جي روڪٿام جي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن، ٽرانسميشن سسٽم ۾ تمام گهڻا لاسز آهن ان کي بهتر بڻائڻ ۽ سستي بجلي جي فراهمي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي حوالي سان پڻ فيصلو ٿيو آهي اهو معاملو ايس آءِ ايف سي ۽ پوءِ ڪاب??نا ۾ پيش ??يو ويندو. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي مفاد ۾ سخت فيصلا ڪرڻا پوندا ۽ انهن تي پهرو ڏيڻو پوندو، انشاءَ الله ڏينهن رات محنت ڪري اتفاق سان ملڪ جي ٻيڙيءَ ڪناري تي لڳائينداسين. وزيراعظم چيو ته ڊيره اسماعيل خان ۾ ڪسٽ??ز جا 8 اهلڪار اسمگلرن جو مقابلو ڪندي شهيد ٿيا آهن، اسمگلنگ پڻ ان سان واڳيل هڪ دردناڪ ڪ??اڻ?? آهي، ايف بي آر اربين کربين رپيا ڪمائي ٿو، اهو پئسو خزاني ۾ ضرور ايندو، جيڪڏهن نه آيو ته اسان کي حڪومت ڪرڻ جو ڪو حق نه آهي. وزيراعظم چيو ته هن گذريل ڏينهن ايبٽ آباد جو دورو ??يو ۽ شهيد جي والد سان ملاقات ٿي، ان جي حوصلي ۽ صبر کي داد ڏيان ٿو، اسان کي گڏجي پاڪستان جي خدمت ڪرڻي آهي، ??اڻ?? يا ڪڏهن به نه وارو معاملو آهي، اسان پنهنجي ذميواري پوري ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن مان سيڙپڪاري آڻڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي، نجڪاري پلان تي پڻ تيزي سان عمل ٿي رهيو آهي، پاڪستان ۾ به چار پنج وڏا گروپ ان عمل ۾ حصو وٺڻ جا خواهشمند آهن نجڪاري جو عمل شفاف ترين هوندو هڪ هڪ پئسي جا اسان امين هونداسين ۽ قوم آڏو جوابده هونداسين.