اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) اي??ان جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي جي گهرواريءَ جميله عالم الهديٰ اسلام آباد ۾ پاڪستان سوئيٽ هوم سينٽر جو دورو ڪيو جتي قومي اسيمبلي ميمبر آصفه ڀٽو سندس استقبال ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجما?? موجب اي??اني خاتون اول يتيم ٻارن کي محفوظ ۽ پرورش جو سازگار ماحول ڏيڻ ۾ مرڪز جي ڪردار کي ساراهيو. هن قوم جي ڪامياب مستقبل جي لاءِ ن??جوان نسل جي حمايت جي اث??ن تي پڻ روشني وڌي. ا?? موقعي تي فلسطيني عوام خاص طور تي غزه جي ٻارن جي لاءِ خصوصي دعا ڪئي وئي.