اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران ??فاقي وزير مرتضيٰ سولنگي انتهاپسندي جي خاتمي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته امن جي ڳولا گڏيل ذميواري آهي، حڪومتي ادارن، سول سوسائٽي جي تنظيمن ۽ تحقيقي ادارن جي تعاون سان ??اڪستان ۾ وسيع تر امن جي عمل کي اڳتي وڌائي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پيس فلڪس انٽرنيشنل ڪانفرنس اينڊ ايوارڊز جي افتتاحي سيشن ”پاڪستان ۾ پاليسي سازي ۽ امن عمل“ کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران ??فاقي وزير چيو ته امن جي جستجو اسان جي گڏيل ذميواري بڻجي چڪي آهي، اسان ??ختلف ادارن جي گڏيل ڪوششن سان گڏ بيٺل آهيون جيڪي ملڪ ۾ امن جي بنياد کي مضبوط ڪرڻ ۾ مصروف آهن. پاڪستان حڪومت، ??المي ادارا ۽ مقامي تنظيمون هر هڪ امن، رواداري ۽ هم آهنگي جي لاءِ پنهنجو منفرد حصو وجهي رهيا آهن. هن چيو ته جيئن ته اسان جي قوم معيشت، ??ياست ۽ ماحولياتي خدشن جي مُشڪل دائرن مان گذري رهي آهي، ته اهڙي ۾ سماجي امن جو تحفظ سڀ کان ??ڌيڪ اهميت رکندڙ آهي. قومي ۽ عالمي ٿنڪ ٽينڪس کانسواءِ امن جي تنظيمن انتهاپسندي جي مقابلي، تڪرارن جي حل ۽ ٽڪراءُ جي روڪٿام بابت گهري سوچ جي لاءِ انتهائي قيمتي تحقيق ڪئي آهي ۽ بحث مُباحثي کي آسان بڻايو آهي. هن چيو ته ميڊيا هائوسز ۽ صحافي تبديلي جي طاقتور نمائندن جو ڪردار ادا ڪن ٿا، انتهاپسنداڻي نظرين کي چئلينج ڪن ٿا ۽ شموليت جي حمايت ڪن ٿا. اعتدال جي آوازن کي وڌائين ٿا ۽ مختلف ثقافتن جي وچ ۾ بحث مُباحثي جي سهولت فراهم ڪرڻ ۾ انهن جو اهم بنيادي ڪردار آهي. هن چيو ته امن حاصل ڪرڻ ۾ سياسي پارٽين تي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي. مفاهمت ۽ گڏيل احترام جي لاءِ سياسي اڳواڻن جي حمايت امن کي فروغ ڏي?? ۾ سياست جي گهري اثرن کي نمايان ڪري ٿي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران ??فاقي وزير چيو ته نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي (نيڪٽا) هڪ بنيادي اداري طور ڪم ڪري رهي آهي جيڪا دهشتگردي جي خاتمي جي ملڪ گير ڪوششن کي ٺوس بڻائي ٿي. انتهاپسندي کي منهن ڏي?? ۽ سلامتي جي تحفظ جي لاءِ ان جو عزم پاڪستاني شهرين کي عسڪريت پسند گروپن جي خطرن کان بچائڻ جي لاءِ هڪ پختي وابستگي جو مظهر آهي. هن چيو ته پاڪستان ??عاشري ۾ پائيدار امن ۽ تڪرارن جي روڪٿام جي لاءِ آمريڪي سفارتخاني اسلام آباد جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. اهڙي طرح اوڀر ۽ اولهه جي وچ ۾ خال گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ايسٽ ويسٽ سينٽر پاڪستاني معاشري ۾ امن ۽ رواداري کي فروغ ڏي?? ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري ٿو. انهن تنظيمن پاڪستان جي حساسع لائقن خاص طور تي ڳوٺاڻي علائقن ۾ تبديلي کي متحرڪ ڪيو آهي. نگران ??فاقي وزير چيو ته سسٽين ايبل ڊيولپمينٽ پاليسي انسٽيٽيوٽ (ايس ڊي پي آئي) هڪ پاڪستاني ٿنڪ ٽينڪ آهي جيڪا ملڪ ۾ جمهوريت، گڊ گورننس ۽ امن کي مضبوط بڻائڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هڪ ٻي ناليواري پاڪستاني ٿنڪ ٽينڪ جناح انسٽيٽيوٽ امن ۽ سلامتي بابت اهم پاليسي ريسرچ، اسٽريٽجڪ تجزيي ۽ راءِ شماري ڪري ٿو. سينٽر فار پيس اينڊ ڊيولپمينٽ انيشي ايٽوز (سي پي ڊي آءِ) امن جي تعمير جي ڪوششن ۾ شفافيت، ??حتساب ۽ شهرين جي شرڪت کي فروغ ڏي ٿو جيڪو هڪ هم آهنگ معاشري جي لاءِ گڏيل عزم کي مضبوط بڻائي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ مختلف تنظيمن بشمول سرڪاري ادارن، سول سوسائٽي جي تنظيمن (سي ايس اوز) ۽ تحقيقي ادارن جو اهم ڪردار آهي جن ملڪ ۾ امن، رواداري ۽ هم آهنگي کي فروغ ڏي?? جي مقصد سان ??اليسين ۽ پروگرامز کي فعال طريقي سان ??اڳو ڪيو. هن چيو ته گهرو وزارت، پرڏيهي وزارت ۽ انساني حقن واري وزارت دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي جي لاءِ نيشنل ايڪشن پلان جهڙن قدمن جي قيادت ڪئي، اهي پاليسيون تڪرارن جي بنيادي سببن کي منهن ڏي?? ۽ ملڪ ۾ استحڪام کي فروغ ڏي?? جي لاءِ اهم آهن، سول سوسائٽي جون تنظيمون امن ۽ سماجي هم آهنگي کي فروغ ڏي?? ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. هن چيو ته يونائيٽيڊ اسٽيٽس انسٽيٽيوٽ آف پيس (??و ايس آءِ پي) جهڙا تحقيقي ادارا پاليسي سان ??اڳاپيل تجزياتي ڪم جي انعقاد ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا رهيا آهن جيڪي پاڪستان ۾ امن ۽ تڪرارن جي سببن جي بهتر حل ۾ مددگار آهن. ??و ايس آءِ پي جي ڪوششن ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ، سفارتڪاري جي حمايت ڪرڻ، دهشتگردي جي خاتمي جي چئلينجن جو جامع انداز ۾ جائزو وٺڻ شامل آهي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران ??فاقي وزير چيو ته پيس فلڪس انٽرنيشنل ڪانفرنس ۽ ايوارڊ تقريب ۾ سڄي پاڪستان ??ان ??ختلف نسلي ۽ ثقافتي پس منظر جي امن سازن جي تعاون جو اعتراف ڪرڻ اعزاز جو سبب آهي. عالمي نمائندن خاص طور تي ايسٽ ويسٽ سينٽر جي موجودگي ۾ اسان ترقي ۽ استحڪام طرف پاڪستان جي متوازن ۽ ترقي پسنداڻي موقف جو اظهار ڪريون ٿا. تقريب قومي ۽ عالمي امن سازن جي لاءِ هڪ واضح پيغام آهي جيڪا انهن تي زور ڏي ٿي ته اهي پرامن معاشري کي فروغ ڏي?? جي گڏيل مقصد ۾ پنهنجو حصو وجهن. مرتضيٰ سولنگي چيو ته حڪومت جي ڪردار تي پنهنجو ڌيان ڏيندي گهرو، پرڏيهي ۽ انساني حقن واريون وزارتون اهڙيون پاليسيون ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون جيڪي امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏين ٿيون. نيشنل ايڪشن پلان حڪومت پاران تيار ڪيل هڪ اسٽريٽجڪ فريم ورڪ، فوجداري نظام انصاف کي مضبوط بڻائڻ ۽ مدرسن کي منظم ڪرڻ جي قدمن تي عملدرآمد ڪري دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي منهن ڏي ٿو. هن چيو ته حڪومتي ادارن، سول سوسائٽي جي تنظيمن ۽ تحقيقي ادارن جي تعاون سان اهي پاليسي قدم پاڪستان ۾ وسيع تر امن جي عمل ۾ نمايان ڪردار ادا ڪن ٿا، اهي تڪرارن جي سببن بابت اسان جي سمجهه وڌائين ٿا، تڪرارن جي روڪٿام ۽ حل ۾ مقامي صلاحيتن کي مضبوط بڻائين ٿا، پرتشدد انتهاپسندي جي خلاف وڙهڻ جي لاءِ انقلابي منصوبن جي حمايت ڪن ٿا ۽ متنوع گروهن جي وچ ۾ بحث مُباحثي کي فروغ ڏين ٿا. انهن گڏيل ڪوششن جي ذريعي پاڪستان ??ڪ وڌيڪ پرامن، روادار ۽ هم آهنگ معاشري طرف گامزن آهي.