اسلام آباد –07 – فيبروري (اي پي ??ي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ?? ميڊيا ڪوآرڊينيشن اين?? فيسلي ٽيشن سينٽر جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ميڊيا ڪوآرڊينيشن اين?? فيسلي ٽيشن خاص طور تي اليڪشن 2024ع جي ڪوريج ڪندڙ مقامي ۽ عالمي صحافين جي سهولت لاءِ قائم ڪيو ويو آهي. ميڊيا ڪوآرڊينيشن اين?? فيسلي ٽيشن جو مقصد صحافين کي هڪ ڇت جي هيٺ سمورين ضروري سهولتن جي فراهمي ۽ چونڊ عمل دوران قابل اعتماد معلومات ۽ لاجسٽڪ سپورٽ تائين پهچ کي يقيني بڻائڻ آهي. افتتاح جي موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر ڊاڪٽر طارق محمود ۽ اطلاعات واري وزارت جا ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا.