اسلام آباد – 01 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ ما??دي?? جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ، خاص طور تي واپار ۽ ماحولياتي قدمن جي خصوصي حوالي سان تعاون وڌائڻ جي لاءِ نوان رستا ڳولڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي جمهوريه ما??دي?? جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو ٽيليفون ڪئي. ٽيليفون جو مقصد ابوظهبي ۾ گڏيل قومن جي فريم ورڪ ڪنوينشن آن ڪلائميٽ چينج (ڪوپ – 28) جي ڌرين جي ڪانفرنس جي 28 هين اجلاس جي موقعي تي 2 ڊسمبر 2023ع تي ٿيندڙ سندن م??اق??ت دوران ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه جي عمل کي اڳتي وڌائڻ هو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ واپار ۽ ماحولياتي قدمن تي ڌيان ڏيندي گڏيل تعاون کي وڌائڻ جا موقعا ڳولڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن وسيع تر علائقائي تعاون جي ذريعي ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ ترقي جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي خواهش جو پڻ اظهار ڪيو.