اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) نگران وزير??عظ?? انوارالحق ڪاڪڙ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ڪاميابي جي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور عزم جو ورجاءُ ڪندي ٻنهي ڌرين کي جاري منصوبن جي وقت سر تڪميل کي يقيني بڻائڻ ج?? لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ ج?? ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزير??عظ?? انوارالحق ڪاڪڙ سان چين جي نائب پرڏيهي وزير سن ويڊونگ ملاقات ڪئي. نگران وزير??عظ?? چيني نائب پرڏيهي وزير ۽ سندس وفد جي ميمبرن جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان چين سان پنهنجي سدابهار اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري کي قدر ج?? نگاهه سان ڏسي ٿو. آڪٽوبر 2023ع ۾ ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي لاءِ بيجنگ جي پنهنجي دوري کي ياد ڪند?? نگران وزير??عظ?? چيو ته هو صد?? شي جن پنگ ۽ وزير??عظ?? لي ڪي ڪيانگ جي پاڪستان جي لاءِ گرمجوشي جي جذبن کان تمام گهڻو متاثر ٿيو. هن چيني قيادت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو. نگران وزير??عظ?? چيو ته پاڪستان چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ڪاميابي جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي ۽ ٻنهي ڌرين کي جاري منصوبن جي وقت سر تڪميل کي يقيني بڻائڻ ج?? لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ ج?? ضرورت تي زور ڏنو. ملاقات دوران پاڪ چين لاڳاپن کانسواءِ علائقائي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. چيني نائب پرڏيهي وزير ملاقات ت?? نگران وزير??عظ?? جا ٿورا مڃيا ۽ کيس دوري دوران ٿيندڙ مختلف ملاقاتن بابت آگاهه ڪيو. هن چيني قيادت پاران نگران وزير??عظ?? کي خصوصي مبارڪباد ڏني. نائب پرڏيهي وزير چيو ته چين ۽ پاڪستان ”مضبوط ??ائر“ آهن. هن يقين ڏياريو ته چين پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ سدائين هڪ اعتماد جوڳو حصيدار رهندو.