اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽ?? عارف علوي مسلم ڪمرشل بئنڪ پاران بئنڪنگ محتسب جي فيصلي جي خل??ف اپيل رد ڪندي متاثر شخص کي 30 لک رپيا واپس ۽ ذميوار بئنڪ اهلڪارن جي خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي. ايوان صد?? جي پريس ونگ موجب محمد منير احمد وغيره (شڪايت ڪندڙ) جو بئنڪ جي گوجره روڊ برانچ ۾ گڏيل اڪائونٽ هو، مارچ 2021ع ۾ اڪائونٽ بيلنس ۾ تمام وڏي گهٽتائي نظر آئي، 39 لک کان وڌيڪ ماليت جون 292 ڊپازٽ سلپس اڪائونٽ ۾ جمع ئي نه ڪيون ويون، شڪايت ڪندڙ وٽ بئنڪ عملدارن جون صحيح ٿيل ۽ ٺپو لڳل ڊپازٽ سلپس موجود هيون، صارف شڪايت جي ازالي جي لاءِ بئنڪ سان رابطو ڪيو پر بئنڪ دعويٰ رد ڪري ڇڏي. صارف شڪايت جي ازالي لاءِ بئنڪنگ محتسب سان رابطو ڪيو. بئنڪنگ محتسب جو صارف جي حق ۾ فيصلو اچڻ تي بئنڪ صد?? کي درخواست ڪئي. صد?? ايوان صد?? ۾ ڪيس جي ذاتي ٻڌڻي ڪئي ۽ بئنڪ جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو. صد?? مسلم ڪمرشل بئنڪ فراڊ ۾ ملوث گوجره روڊ جهنگ برانچ جي بد??نو??ن اهلڪارن جي خل??ف انڪوائري ڪري ملوث عملي جي خل??ف ايف آءِ آر سميت فوجداري ڪارروائي شروع ڪرڻ ۽ متاثر ڌر کي 30 لک رپيا ادا ڪر?? جي هدايت ڪئي. صد?? ڊاڪٽ?? عارف علوي چيو ته رڳو هڪ چانهه واري تي فراڊ جي ذميواري وجهڻ کل جوڳي آهي، بئنڪ عملي جي ملي ڀڳت کانسواءِ بئنڪنگ ضابطي جي خلاف ورزي ممڪن نه آهي.