اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) ??گر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان جي ترقي ۾ بوهره برادري جي ڪردار کي ساراهيندي چي?? آ??ي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام بوهره برادري جي خدمتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا. ??گر??ن وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار دائودي بوهره برادري جي روحاني پيشوا ڊاڪٽر سيدنا مفضل سيف الدين جي قيادت ۾ بوهره برادري جي 8 رڪني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ??گر??ن وزيراعظم جو بين المذاهب هم آهنگي ۽ وچ اوڀر ۽ اسلامي ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين بابت خصوصي نمائندو مولانا طاهر اشرف پڻ شريڪ هو. ??گر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڊاڪٽر سيدنا مفضل سيف الدين جي پاڪستان جي دوري جي آجيان ڪندي بوهره برادري جي پاڪستان جي ترقي ۾ ڪردار کي ساراهيو. ??گر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڊاڪٽر سيدنا مفضل سيف الدين جي تعليمات ۾ ماحولياتي آلودگي گهٽ ڪرڻ ۽ صفائي سٿ??ائي جي موضوعن تي خاص ڌيان کي پڻ ساراهيو. ??گر??ن وزيراعظم چيو ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام بوهره برادري جي پاڪستان جي لاءِ خدمتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا. ??گر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڊاڪٽر مفضل سيف الدين کي سندس پاڪستان جي لاءِ خدمتن جي اعتراف ۾ مليل نشان پاڪستان تي کيس مبارڪباد ڏني. بوهره برادري جي وفد ??گر??ن وزيراعظم کي عالمي سطح تي موسمياتي تبديلي جي اسرندڙ ملڪن جي لاءِ هاڃيڪار اثرن کي اجاگر ڪرڻ جي قدمن تي خراج تحسين پيش ڪيو. ??گر??ن وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته موسمياتي تبديلي جي هاڃيڪار اثرن کان پوري عالم جي انسانيت کي خطرو لاڳو آ??ي، مذهبي پيشوائن کي پنهنجي تعليمات ۾ ان اهم موضوع تي تسلسل سان ڳالهه ڪرڻ گهرجي. وفد ??گر??ن وزيراعظم جي قيادت ۾ حڪومت جي بين المذاهب هم آهنگي جي قدمن کي پڻ ساراهيو. ??گر??ن وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ هر مذهب ۽ رنگ ۽ نسل جا ماڻهو موجود آهن ۽ انهن کي برابري جا حق حاصل آهن، بوهره برادري پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائي?? ملڪ جي هر شعبي ۾ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون. ??گر??ن وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته بوهره برادري اڳتي به پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ائين ئي اهم ڪردار ادا ڪندي رهندي.