اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ قابض عملدارن پاران منظم طريقي تي ڪشميرين کي پنهنجي زمينن تان بيدخل ڪرڻ جي مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ??يو ته ڀ??رت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي محافظن ۽ سياسي ڪارڪنن جي ملڪيتن کي سيل ڪرڻ ۽ ضبط ڪرڻ جي مهم ۾ مصروف آهي. هن ??يو ته هلندڙ هفتي ڀارتي عملدارن هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي جي خاتمي جي قانون کي استعمال ڪندي ڄمون ۽ ڪشمير جي ضلعي پلواما ۾ ڪيترين ئي ملڪيتن کي ضبط ڪيو. ترجمان ??يو ته ملڪيتن تي قبضا اختلاف راءِ کي ڪچلڻ ۽ انساني حقن جي محافظن کي ستائڻ جو هڪ ظالماڻو ذريعو آهي، اهو طرزعمل ۽ ا??ڙي قسم جي وحشياڻي ڀارتي قدمن کي ختم ٿيڻ گهرجي. هن ??يو ته ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد جي لاءِ قدم کنيا وڃن. ترجمان ??يو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ?? اخلاقي حمايت جاري رکندو.