اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڏو??انهن علائقن ۾ قابل آفيسرن جي مقرري جي لاءِ واضح پاليسي جوڙڻ ۽ مقابلي جا امتحان باقاعدگي سان منعقد ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آه?? ته پاڪستان جو آئين ۽ قانون اقليتن ۽ پٺتي پيل علائقن سان تعلق رکندڙن کي برابر حق ۽ ترقي جا موقعا فراهم ڪري ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سول آفيسرن جي مقررين ۽ خصوصي ڪوٽا جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نگران و??يراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، نگران و??يراعظم جي سيڪريٽري، اسٽيبلشمينٽ جي سيڪريٽري ۽ فيڊرل پبلڪ سروس ڪم??شن جي سيڪريٽري شرڪت ڪئي. اجلاس کي تازو ئي منعقد ٿيندڙ مقابلي جي خصوصي امتحان جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ان امتحان ۾ 15 هزار کان وڌيڪ اميدوارن حصو ورتو جنهن ۾ 3500 کان وڌيڪ جو تعلق بلوچستان سان آه??، ان امتحان ۾ بلوچستان ڪوٽا جُون اٽڪل 60 کان وڌيڪ جايون شامل آه??. نگران و??يراعظم هدايت ڪئي ته سرڪاري ڀرتين جي لاءِ مقابلي جي امتحانن ۾ اقليتن ۽ پٺتي پيل علائقن سان تعلق رکندڙن جي خالي جاين کي ڀرڻ جي لاءِ اهڙا امتحان باقاعدگي سان منعقد ڪيا وڃن، اقليتن جي مقابلي جي امتحان ۾ شموليت جي حوصلا افزائي سان گڏوگڏ آگاهي مهم پڻ هلائي وڃي، بلوچستان سميت ملڪ جي ڏو??انهن علائقن ۾ قابل آفيسرن جي مقرري جي لاءِ واضح پاليسي جوڙي وڃي ۽ سول آفيسرن جي روٽ??شن پاليسي کي ان جي حقيقي روح موجب بحال ڪيو وڃي ۽ ان تي سختي سان عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي. نگران و??يراعظم چيو ته پاڪستان جو آئين ۽ قانون اقليتن ۽ پٺتي پيل علائقن سان تعلق رکندڙن کي برابر حق ۽ ترقي جا موقعا فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته حڪومت ملڪ جي هر شهري کي هڪ جهڙي ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آه??.