اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان کي 2023ع کان 2027ع تائ??ن جي مدي لاءِ گڏ??ل قومن جي تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي تنظيم (يونيسڪو) جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو ٻيهر ميمبر چونڊيو ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان جو يونيسڪو ??ي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي ميمبر طور ٻيهر چونڊجڻ ۽ گڏ??ل قومن ۾ پاڪستان جي پراڻي حمايت ?? ان جي تعميري ڪردار جو ثبوت آهي. ترجمان وڌيڪ چيو ته ايگزيڪيوٽو بورڊ جي ميمبر طور پاڪستان يونيسڪو ??و مينڊيٽ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪندو ۽ پاليسي سازي، معيارن جي ترقي ۽ عالمي ترجيحن کي اڳتي وڌائڻ ۽ تنظيم جي پروگرامن سميت سرگرم??ن جي موثر نگراني ۾ پنهنجو حصو وجهندو. هن چيو ته پاڪستان گهڻ رخي پرجوش حامي طور سڀني خطن ۾ رابطا قائم ڪرڻ، ٺوس نتيجن ۽ زميني اثرن جي لاءِ اهم مسئلن تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.