تاشقند – 09 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڄ خميس ڏينهن تاشقند ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو، هو آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سا?? ملاقات، اي سي او جي اج??اس کي خطاب پڻ ڪندو. پي ايم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سا?? ملاقات ڪندو جنهن ۾ ٻط??فن لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. نگران وزيراعظم اي سي او جي سورهين سربراهي اج??اس ۾ شرڪت ۽ اج??اس کي خطاب پڻ ڪندو، ان کانسواءِ نگران وزيراعظم اي سي او ملڪن جي سربراهن جي اعزاز ۾ منعقد آجياڻي ۾ پڻ شرڪت ڪندو. نگران وزيراعظم جي اڄ ازبڪستان جي تاريخي شهر ثمرقند روانگي پڻ متوقع آهي جتي هو حضرت امام بخاري جي مزار ??ي حاضري ڀريندو.