اسلام آباد-01 نومبر (اي پي پي)وفاقي تعليم ۽ پيشيوراڻي ??ربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي سان پاڪستان ۾ جمهوريه ترڪيه جي سفير مهمت پچاچي جي سربراهي ۾ هڪ اعليٰ اختياراتي وفد سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. وفاقي وزير مدد علي سنڌي وفد جي آجيان ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن جو ثقافتي، لساني ۽ عوام وچ ۾ هڪٻئي سان محبت جو رشتو آهي، هن ووڪيشنل ۽ ٽيڪنيڪل ٽريننگ جي حوالي سان مهارت ۽ علم جي مٽاسٽا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته ٻئي ملڪ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي ??گهن ٿا، هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ پراڻي ڀائراڻي لاڳاپ?? کي تسليم ڪيو ۽ ان جي واکاڻ ڪئي.مدد علي سنڌي استادن ۽ شاگردن جي مٽاسٽا جي آجيان ڪئي ۽ خاص طور تي هنرمند پيشيوراڻي ??ربيت لاءِ گڏيل تعاو?? کي وڌيڪ هٿي ڏني وڃي. وفاقي وزير چيو ته قائداعظم يونيورسٽي ۽ ٻين يونيورسٽين جي پ??وفيسر?? کي گڏيل دلچسپي جي موضوعن تي تحقيق ڪرڻ لاءِ ريسرچ فيلوشپ جي آڇ ڪنديون. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون جا نمايان امڪان موجود آهن، ترڪيه جي سفير وفاقي وزير کي پ??اڻي مذهبي ۽ ثقافتي مينيو اسڪرٽپس جي بحالي ۽ تحفظ جي باري ۾ ٻڌايو. مدد علي سنڌي ان منصوبي کي ساراهيندي چيو ته سندس وزارت ان منصوبي لاءِ هر ممڪن تعاو?? فراهم ڪندي، هن ان سلسلي ۾ سنڌي لينگوئيج اٿارٽي جي ڪردار تي روشني وڌي. هن چيو ته TIKA کي ان سلسلي ۾ پنهنجي دائري ڪار کي وڌائڻ لاءِ صوبائي تنظيمن سان به تعاون ڪرڻ گهرجي. اين ايس يو ۾ سينٽر آف هاسپيٽيلٽي جي تعمير به ٿيندي جنه?? کي ترڪيه ۾ ڪووڊ ۽ زلزلي سبب روڪيو ويو هو.