ارومچي – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته چين سان لاڳاپا پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو سنگ بنياد ۽ علائقائي امن ۽ ترقي جو ضامن آهن، سنڪيا??گ ۽ پاڪستان جي پاڙيسري علائقن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کان وٺي ثقافتي ۽ عوام سان عوام جي لاڳاپن تائين تعاون جي مختلف شعبن ۾ رابطن کي گهرو ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ارومچي ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي پولٽ بيورو جي مرڪزي م??مبر ۽ سنڪيانگ ايغور خو??مخ??يار علائقي جي پارٽي سيڪريٽري م??زن??روئي سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي چين سان دوستي جي حوالي سان پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته چين سان لاڳاپا پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو سنگ بنياد ۽ علائقائي امن ۽ ترقي جو ضامن آهن. بيجنگ ۾ صدر شي جن پ??گ ۽ وزيراعظم لي ڪيانگ سان پنهنجي م??اقاتن جو ذڪر ڪندي نگران وزيراعظم ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ چيني قيادت جي مضبوط ذاتي عزم کي ساراهيو. پاڪستان جي لاءِ سنڪيانگ جي اهميت جو ورجاءُ ڪندي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته هي خطو پاڪستان سان جاگرافيائي، تاريخي ۽ ثقافتي ڳانڍاپي جي ڪري هڪ خاص اهميت رکي ٿو. هن سنڪيا??گ ۽ پاڪستان جي پاڙيسري علائقن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کان وٺي ثقافتي ۽ عوام سان عوام جي رابطن تائين تعاون جي مختلف شعبن ۾ رابطن کي گهرو ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. سنڪيانگ جو دورو ڪرڻ تي نگران وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي پارٽي جي سيڪريٽري م??زن??روئي چيو ته ڪيترن ئي شعبن ۾ پاڪستان ۽ سنڪيانگ لاڳاپن کي گهرو ڪرڻ جي تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي. هن سنڪيانگ پاران پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ واپار جا موقعا ڳولڻ ۽ خنجراب – سوست بارڊر ڪراسنگ جي ذريعي واپاري ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ آسان بڻائڻ جي لاءِ راضپي جو اظهار ڪيو. ٻنهي ڌرين سنڪيا??گ ۽ پاڪستان جي پاڙيسري علائقن جي وچ ۾ تعاون جي مڪمل صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.