اسلام ??با??-12 آڪٽوبر (اي پي پي) چائينا ميڊيا گروپ سي پيڪ ۽ بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئٽو جا 10 سال مڪمل ٿيڻ ت?? پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس جي سهڪار سان اسلام ??با?? ۾ آرٽ نمائش ۽ ثقافتي شو جو بندوبست ڪيو. ان موقعي تي سي پيڪ ۽ بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئٽو جي حوالي سان خصوصي پينٽنگز جي نمائش ڪئي وئي جنهن ۾ شرڪت ڪندڙن گهري دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو. تقريب ۾ پاڪستان جي چئني صوبن جي ثقافت کي اجاگر ڪند?? پاڪستاني ثقافتي فنڪارن پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور انداز ۾ مظاهرو ڪيو، جڏهن ته ??ن دوران بحريه يونيورسٽي اسلام ??با?? جي شاگردن به پرفارمنس ڪيو، تقريب ۾ موجود چيني ثقافتي فنڪارن خوبصورت موسيقيءَ ذريعي تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. تقريب کي ايف ايم 98 دوستي چينل جي اسٽيشن ڊائريڪٽر هوپنگ پنگ جو چوڻ هو ته سي پيڪ پاڪ چين دوستي جو هڪ اعليٰ مثال آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته سي پيڪ ذريع?? پاڪ چين دوستي وڌيڪ مضبوط ٿيندي. هن چيو ته اهڙي طرح جي ثقافتي پروگرامن سان اسان کي جتي هڪٻئي جي ثقافت کي ڄاڻڻ جو موقعو ملندو اتي ٻه طرفن لاڳاپن ۾ وڌيڪ هٿي ايندي. هن چيو ته اڄ جي تقريب پڻ سي پيڪ جي منصوبي جا 10 سال مڪمل ٿيڻ جي حوالي سان جاري تقريبن جو هڪ تسلسل آهي. ڪي پي ڪي سيڙپڪاري بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين حس??ن دائود تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سي پيڪ سان خطي ۾ ترقيءَ جي هڪ نئين دؤر جي شروعات ٿي چڪ?? آهي. ان موقعي تي چائينا ميڊيا گروپ طرفان سي پيڪ جا وڊيو پروگرام پڻ پيش ڪيا ويا جن کي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن بيحد ساراهيو. پاڪستان ۾ قائم چيني سفارتخاني جي ثقافتي ڪائونسلر جنرل چانگ حه چنگ سميت ٻين اعليٰ عهديدارن ۽ پاڪستان چين جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي.