اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ زوب ضلعي ۾ دهشتگردن سان مقابلي ۾ شهيد ٿيندڙ ميجر سيد علي رضا شاهه ۽ حوالدار نثار احمد ک?? خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آه?? ته پوري قوم شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظم چيو ته دهشتگردن جي خلاف وڙهندڙ اسان جا اصل هيرو آهن، اسان جي بهادر فوج دهشتگردي جي خلاف مضبوط ديوار وانگر بيٺل آهي. نگران وزيراعظم چيو ته اسان د??شتگردي جي لعنت کي مڪمل ختم ڪرڻ جي عزم تي قائم آهيون. هن دعا ڪئ?? ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ۽ پونئيرن کي صبر ??ميل عطا فرمائي.