اسلام آباد – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته اسلام جي امن ۽ محبت جي حقيقي پيغام کي ڦهلائڻ جي ضرورت آهي، حضور صه جي ناموس جي حفاظت ڪ??ڻ هر مسلمان جو فرض آهي پر ان سان گڏوگڏ اسان کي پنهنجي دين جي پرامن فطرت کي به دنيا آڏو رکڻ گ??رج??، پاڪستاني قوم کي سنگين چئلينجز درپيش آهن جن جو ??قا??لو رڳو قومي رحمت اللعالمين اٿارٽي ئي ڪري سگهي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل رحمت اللعالمين اٿارٽي جي دوري جي موقعي تي چيئرمين خورشيد احمد نديم سان ملاقات دوران ڪيو. مدد علي سنڌي چيو ته قومي رحمت اللعالمين اٿارٽي (اين آر اي) جو مينڊيٽ قوم جي تعمير جي لاءِ اهم آهي. هن تنظيم جي مشن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته پاڪستاني قوم کي سنگين چئلينجز درپيش آهن جن جو ??قا??لو رڳو رحمت اللعالمين اٿارٽي ئي ڪري سگهي ٿي. نگران وفاقي وزير چيو ته اسان جي معاشري ۾ عدم برداشت آهي ۽ اسلام جي امن ۽ محبت جي حقيقي پيغام کي اسان جي ملڪ ۾ ڦهلائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان جو مذهب امن جو مذهب آهي. هن مديني جي رياست جي ويزن جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته ربيع الاول جي مقدس مهيني جي احترام ۾ اٿارٽي کي پنهنجي پيغام کي عام ڪرڻ جي لاءِ هر سطح تي ڪيترائي سيمينارز، ڪانفرنسز ۽ مذاڪرا منعقد ڪرڻ گ??رج??. اين آر اي جي چيئرمين نگران وفاقي وزير کي نيشنل رحمت اللعالمين اٿارٽي جي جاري سرگرمين ۽ مينڊيٽ کان آگاهه ڪيو. نگران وفاقي وزير کي ٻڌايو ويو ته اين آر اي جو مينڊيٽ قوم جي ڪردارسازي جي ذريعي انصاف، قانون جي حڪمراني ۽ فلاحي معاشري تي ٻڌل مديني جي رياست جي تصور کي عملي جامعو پارائڻ آهي. اين آر اي چيئرمين تنظيم کي درپيش چئلينجز پن پيش ڪيا. نگران وفاقي وزير چيئرمين کي يقين ڏياريو ته تعليم واري وزارت کيس مڪمل تعاون فراهم ڪندي ته جيئن ادارو پنهنجي فرضن کي موثر طريقي سان سرانجام ڏئي سگهي. نگران وفاقي وزير چيئرمين کي حڪم ڏنو ته هو پنهنجي آگاهي مهم کي اڳتي وڌائي. هن چيو ته اسلامو فوبيا هڪ خطرو آهي جنهن کي هر سطح تي منهن ڏيڻ گ??رج??. هن چيو ته حضور نبي اڪرم ﷺ جي ناموس جي حفاظت ڪ??ڻ هر مسلمان جو فرض آهي پر ان سان گڏوگڏ اسان کي پنهنجي دين جي پرامن فطرت کي به دنيا آڏو رکڻ گ??رج??.