نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته گڏي?? قومن جي اهتمام هيٺ عالمي سطح تي هڪ جهڙي ترقي جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي، اسرندڙ ملڪن کي قرضن جي مسئلن مان ڇوٽڪارو ۽ مالي معاونت حاصل ٿيڻ گهرجي، پائيدار ترقياتي هدفن جي اجلاس ۾ ڏني ويندڙ خاطرين تي عملدرآمد ٿيڻ گهرجي. نيويارڪ ۾ جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي فنانسنگ فار ڊيولپمينٽ مباحثي کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان پاران ان اهم موضوع تي مڪالمو منعقد ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. اسان کي ايس ڊي جيز سربراهه اجلاس ۾ ڪيل واعدن تي لازمي عملدرآمد ڪرڻ گهرجي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته نجي شعبي کي شاامل ڪري ايس ڊي جيز هدف حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. بدقسمتي سان نجي شعبي جي سي??پڪاري جو وڏو حصو دنيا جي اسرندڙ م??يش??ن طرف آهي جڏهن ته اسرندڙ ملڪن ۾ اها سي??پڪاري نه آهي. گڏي?? قومن کي اسرندڙ ملڪن ۾ نجي شعبي پاران سي??پڪاري نه ٿيڻ جي سببن جي تدارڪ جي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. گڏي?? قومن جي ڇٽيءَ هيٺ پبلڪ پرائيويٽ حصيداري جي تناسب جو ادارو قائم ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته غريب ملڪن ۾ سي??پڪاري جي فروغ ۽ عوام جي زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ جي لاءِ عالمي تعاون ضروري آهي. پائيدار ترقي جي هدفن جي لاءِ اسرندڙ ملڪن کي مالي معاونت حاصل ٿيڻ گهرجي. اسرندڙ ملڪن کي قرضن جي مسئلن مان ڇوٽڪارو ۽ مالي معاونت حاصل ٿيڻ گهرجي. پائيدار ترقي جي هدفن جي اجلاس ۾ ڏني ويندڙ خاطرين تي عملدرآمد ٿيڻ گهرجي. توانائي جي کوٽ ۽ ٻيا مسئلا اسرندڙ ملڪن جي ترقي جي رفتار کي روڪي رهيا آهن. معاشي رقم جي پهچ بهتر هجي ته ايس ڊي جيز ۾ بهتري اچي سگهي ٿي. هن چيو ته ايس ڊي جيز تي مستنند پروگرامز کي اسرندڙ ملڪن جي لاءِ اڳتي آڻڻو پوندو. گڏي?? قومن جي اهتمام هيٺ عالمي سطح تي هڪ جهڙي ترقي جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي. نگران وزيراعظم چيو ته گرين بانڊ، مالي وسيلن جي فراهمي، انشورنس اسڪيمن ۽ خودمختيار ضمانت، پبلڪ پرائيويٽ حصيداري جي لاءِ فائديمند ۽ پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي. ان کانسواءِ قرض ڏيندڙ ادارن جي لاءِ خطرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ سمورين ڌرين کي هڪ پليٽ فارم تي آڻڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي. اهو گڏي?? قومن سان واڳيل ادارو پيشيواراڻي طور تي منظم پراجيڪٽ يونٽ پڻ جوڙي سگهي ٿو جيڪو گڏي?? قومن جي 130 ڪنٽري آفيسز کي اسرندڙ ملڪن جي صلاحيت کي وڌائڻ جي لاءِ ڍانچو تيار ڪرڻ ۽ ايس ڊي جيز منصوبن جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ استعمال ۾ آڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته نجي سي??پڪاري کي راغب ڪرڻ جي لاءِ ريگيوليٽري ۽ ترغيبي ڍانچو تيار ڪيو وڃي ۽ قومي منصوبن جي تياري ۾ معاونت ڪئي وڃي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان پنهنجون اهي تجويزون جنرل اسيمبلي جي اجلاس دوران پيش ڪندو.